ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ٻن نينگرن ۾ راند دوران جھيڙو، هڪ نينگر مارجي ويو. الفلاح ٿاڻي جي حد عظيم پوره ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو. پوليس موجب 14 ورهين جو شعيب ۽ احتشام پاڻ ۾ راند ڪري رهيا هئا، راند دوران ٻنهي ۾ جھيڙو ٿي پيو، احتشام شعيب کي ڌڪو ڏنو، زمين تي ڪرڻ سبب شعيب جي حالت خراب ٿي وئي، جنهن اسپتال نينئڻ دوران دم ڏئي ڇڏيو. پوليس موجب شعيب جي جسم تي زخمن جا نشان به ناهن، وارثن پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪيو آهي، جوابدار نينگر احتشام کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.