ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ کنڀيلن (گم ٿيل ماڻهن ) جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي دوران وفاقي گهر سيڪريٽري يوسف نسيم کوکر پيش ٿي شوڪاز نوٽيس جو جواب جمع ڪرائي عدالت کان غير مشروط معافي ورتي، عدالت وفاقي گهرو سيڪريٽري جو معافي نامو قبول ڪري ورتو، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي وفاقي گهرو سيڪريٽري کي تفصيلي جواب سان گڏ ٻيهر پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، پرڏيهي مامرن واري وزارت به عدالت ۾ لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو. ڪالهه جسٽس ڪي ڪي آغا جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ کنڀيلن جي بازيابي بابت داخل ڪيل درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران عدالتي حڪم تي وفاقي گهرو سيڪريٽري، ڊائريڪٽر هيومن رائٽس، اٽارني جنرل ۽ ٻيا آفيسر پيش ٿيا، عدالت پاران طلبي باوجود پيش نه ٿيڻ تي جاري شوڪاز نوٽيس جو وفاقي گهرو سيڪريٽري جواب جمع ڪرائي عدالت کان معافي گهري، وفاقي گهرو سيڪريٽري چيو ته آئون عدالتن جو احترام ڪندو آهيان، مصروفيت سبب پيش نه ٿي سگهيو هئس. جنهن تي جسٽس ڪي ڪي آغا وفاقي گهرو سيڪريٽري سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان اهم پوزيشن تي مقرر آهيو، عدالت ڪيترائي حڪم ناما جاري ڪيا پر توهان طرفان جواب به جمع نه ڪرايو ويو، عدالت کي مجبور ٿي اوهان جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪرڻا پيا، عدالت چيو ته جبري گمشدگي جو مسئلو اهم آهي، ان کي جلد ختم ڪرڻو پوندو، عدالت جي ناراضپي تي وفاقي گهرو سيڪريٽري چيو ته ڪجهه سببن ڪري جواب نه ڏئي سگهيس، عدالت کي يقين ڏياريان ٿو ته آئنده عدالتي حڪمن تي مڪمل عمل ڪندس، هن چيو ته شهرين جو تحفظ اسان سڀني جي ذميواري آهي، گم ٿيل 3 شهرين کانسواءِ ٻين جو پتو پئجي نه سگهيو آهي، ڪي پي ڪي حڪومت کان رپورٽ طلب ڪئي هئي، جيڪا اڃا نه ملي آهي، جنهن تي جسٽس ڪي ڪي آغا ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪي پي ۾ ته تحريڪ انصاف جي حڪومت آهي، وفاقي حڪومت جي ڪي پي حڪومت سان ته ڀرپور ورڪنگ رليشن شپ هجڻ گهرجي، وفاقي گهرو وزارت ملڪ جي سگهاري وزارت آهي، ڇا ملڪ ۾ شهرين جي جبري گمشدگي جو تاثر قابل قبول آهي؟ جنهن تي گهرو سيڪريٽري چيو ته جبري گمشدگي بلڪل قابل قبول ناهي. ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل عدالت کي يقين ڏياريندي چيو ته وفاقي حڪومت گم ٿيلن واري معاملي تي سنجيده قدم ڪري رهي آهي، جنهن تي جسٽس ڪي ڪي آغا چيو ته جسٽس جاويد اقبال ڪميشن کانسوا ءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن کي به ڏٺو وڃي، جبري گمشدگين جي معاملي تي ملڪ جي دنيا ۾ بدنامي ٿي رهي آهي، جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته هر سطح تي قانون سازي ڪئي پئي وڃي، تفصيل پيش ڪرڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي. عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 4 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.