ڪراچي: سنڌ سرڪار جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته  متحده اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال مون کان وڏو آهي، آئون  سندس عزت ڪريان ٿو. ميڊيا سان ڳلاهائيندي هن چيو ته موجوده صورتحال ۾ اسان ڌرڻن يا  باهه لڳڻ واري سياست برداشت نٿا ڪري سگهون، اڳ ۾  جڏهن  آدمشماري 2017ع جي ڳالهه آئي ته رڳو سنڌ جي وڏي وزير انهي جي مخالفت ڪئي. پي ٽي آءِ جو عمران خان هجي، ايم ڪيو ايم توڙي  جي ڊي اي  آدمشماري منظوري ۾ سرڪار جو  ساٿ ڏنو، پارليامينٽ ۾  وري تاج حيدر سنڌ جو ڪيس اٿاريو، هن مصطفيٰ ڪمال کي مخاطب ٿي چيو ته  جيڪڏهن توهان اسان جو ساٿ ڏيو ها ته شايد اها تڪراري آدمشماري منظور نه ٿئي ها.