مسوڀرڳڙي (ن پ ا) مسو ڀرڳڙي ۾ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي ڇاپا هڻي 2 دڪان  سيل ڪري ڇڏيا. ان ڏس ۾ مسوڀرڳڙي شھر ۾ غير معياري، مدي خارج، نقلي شين جي وڪري جي شڪايتن تي سنڌ فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر  جھانزيب سنجراڻي پنهنجي ٽيم سان گڏ  ڪارروائي دوران تيل مصالو ۽ بوتلون مدي خارج ھئڻ تي منظور حاجاڻو ۽ بون ڪمار ديوان جي دڪانن کي سيل ڪري ڇڏيو، جڏھن غير معياري سامان استعمال ڪرڻ تي هڪ عاشق ميمڻ جي  بيڪري کي به سيل ڪيو ويو آھي.