مسوڀرڳڙي (ن پ ا) مسوڀرڳڙي ۾ ٻه ڏينھن پهرين طوفاني برسات ۾ ڀت ڪرڻ سبب ٻن ٻارن سميت زخمي ٿيل عورت زخمن جا سور نه سھندي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي آهي. ان ڏس ۾ ٻه ڏينھن پهرين مسوڀرڳڙي ۾ طوفاني برسات سبب ڀت ڪرڻ جي ڪري زخمي ٿيل مسمات صفيه زال غلام نبي شيخ علاج دوران سول اسپتال حيدراباد ۾ فوت ٿي وئي، جڏھن ته فوتي عورت کي جنازي نماز بعد ڏاڏي آريسر قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، ٻئي طرف انتظاميا طرفان ڪير به متاثر خاندان وٽ ناھي پهتو.