مسوڀرڳڙي ۾ وونئڻن جي فصل کي مختلف بيمارين وڪوڙي ڇڏيو

0
101
مسوڀرڳڙي ۾ وونئڻن جي فصل کي مختلف بيمارين وڪوڙي ڇڏيو
مسوڀرڳڙي ۾ وونئڻن جي فصل کي مختلف بيمارين وڪوڙي ڇڏيو

 مسوڀرڳڙي سميت حيدرآباد رورل جي پوري تعلقي اندر وونئڻن جي  فصل کي مختلف بيمارين وڪوڙي ڇڏيو آهي

آبادگارن لائق مگسي، شاهد سمون، نظام ميراڻي، محمد بخش وگهيوجو چوڻ هو ته نقلي دوائون، ڪپهه جو ٻج مارڪيٽ ۾ هلڻ ڪري وونئڻن جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ  لڳو آهي

مختلف بيماريون جهڙوڪ اڇي مک، گلابي سنڊي، پکڙجڻ ڪري وونئڻن جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي، غيرمعياري ڪپهه جي ٻج ۽ نقلي دوائن نقلي يوريا ڀاڻ جي ڪري في ايڪڙ ٽارگيٽ نه ڏيڻ ڪري اسان آبادگارن کي وڏو نقصان پهتو آهي.  آبادگارن گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي ٻه نمبر  ڊيلرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي