ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نواز ليگ جي صدر  شهباز شريف ڪالهه ڪراچي جي قومي تڪ اين اي 249 جي ڪارڪنن سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ڪارڪنن کان تفصيل معلوم ڪرڻ دوران شهباز شريف روئڻهارڪو ٿي ويو، ان موقعي تي شهباز شريف چيو ته ڪراچي سان ماٽيجي ماءَ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي،  جنهن سبب هي شهر تباهي طرف وڃي رهيو آهي, حڪمرانن کي هن شهر جي رڳو ڪمائي گهرجي ٿي پر هن جي ترقي ۾ سنجيدگي سان دلچسپي نٿي ورتي وڃي، هن چيو ته نواز شريف پنهنجي دور ۾ ھن شهر ۾ بدامني جي باهه کي وسائي امن بحال ڪرايو، آئون  چاهيان ٿو ته  منهنجي مرڻ کان اڳ ڪراچي تبديل ٿئي.