ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان 3 سالن جي ڪارڪردگي  رپورٽ پيش ڪئي آهي، جڏهن ته پيپلزپارٽي 13 سالن جي حڪومتي دور جي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ناهي ڪئي، گورنر هائوس ۾ ٿيليسيميا بابت تقريب بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران حڪومت وڃڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، وفاق سنڌ جي ماڻهن کي صحت ڪارڊ ڏيڻ چاهي ٿو پر سنڌ حڪومت وٺڻ نٿي چاهي. 13 سالن ۾ سنڌ حڪومت ڪراچي شهر کي هڪ بس به ناهي ڏني. ڪجهه ڏينهن ۾ گرين بس منصوبي جون 40 بسون پهچي وينديون. جيڪي چين کان روانيون ٿي ويون آهن. هن چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ جي ماڻهن کي اڪيلو نه ڇڏيندي.  هن چيو ته ٿيليسيميا خطرناڪ مرض آهي، شادي کان اڳ ٿيليسيميا جي ٽيسٽ لازمي ٿيڻ گهرجي، ٿيليسيميا جي ٽيسٽ لاءِ گورنر هائوس ۾ ڪيمپ لڳائي هئي، جتي ٽيسٽ دوران ٻن ڄڻن کي ٿيليسيميا مائنر ظاهر ٿيو آهي، ٿيليسيميا ۾ مبتلا والدين جي ٻارن کي ٿيليسيميا ميجر به ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۾ شادي کان اڳ ٽيسٽون ڪرڻ واري قانون تي عمل نه پيو ٿئي، هن چيو ته حڪومت جو ڪم آهي ته نسلن کي بچائي، دنيا جي ڪيترن ملڪن ٿيليسيميا تي ضابطو آڻي ورتو آهي،  اسان جي ڪوشش آهي ته ڪيمپون لڳائي ٿيليسيميا تي ضابطو آڻيون.