مرزاپور/مدئجي (نمائندن وٽان) مرزاپور ڀرسان نوجوان بيروزگاري ۽ بيماري کان تنگ اچي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، خبر موجب مرزاپور ڀرسان ڳوٺ ڳاهيجا ۾ 28 سالا شادي شده نوجوان اقرار پٽ جمن ابڙو ڳوٺ ٻاهران وڻ ۾ ڦاهو کائي زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو، ڳوٺاڻن وڻ ۾ لاش ٽنگيل ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو، جنهن بعد پوليس پهچي نوجوان جو لاش وڻ مان هيٺ لاهي مدئجي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. نوجوان جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، نوجوان جي والد جمن ابڙو جو چوڻ هو ته سندس پٽ ڪافي عرصي کان بيروزگار ۽ بيماري ۾ مبتلا هو، جنهن ڪري هن تنگ اچي ڦاهو کائي خودڪشي ڪري زندگيءَ جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو.