لاهور (م ڊ) پنجاب جي نامزد صوبائي وزير اسد کوکر جي ڀاءُ مبشر جي قتل ڪيس ۾ وڌيڪ انڪشاف سامهون اچي ويا آهن. جوابدار ناظم انڪشاف ڪيو آهي ته مقتول مبشر جوابدار مونکي شادي جي تقريب ۾ ڏسي ورتو هو ۽ ان کي سلام به ڪيو پر تقريب ۾ وڏي وزير جي موجودگي سبب مبشر کيس ڪجهه نه چيو، جيئن ئي وڏو وزير نڪتو مون ٻاهر وڃي مبشر کي قتل ڪري ڇڏيو. مانووال ڳوٺ ۾  مقتول مبشر ۽ جوابدار جو گهر ڪجهه قدمن جي فاصلي تي ئي آهي. مُک جوابدار ناظم جا گهر ڀاتي گهر مان غائب ٿي ويا آهن. پوليس موجب جوابدار ناظم جو ڪوبه چاچو قتل نه ٿيو آهي پر جوابدار ناظم ان کان اڳ پنهنجي ڀاءُ جي قتل ڪيس ۾ ڪوڙي شاهدي ڏيڻ تي هڪ شخص منشا کي قتل ڪيو هو، جنهن تي کيس موت جي سزا به ملي هئي پر اپيل تي 2019 ۾ کيس رهائي ملي وئي هئي. جوابدار ناظم جي ڀاءُ اسلم عرف بلا جي گهٽا گروپ سان دشمني هئي. مبشر کوکر جوابدار ناظم جي ڀاءُ اسلم جي حمايت ڪندو هو ۽ مقتول بلا واري ڪيس جي پيروي به ڪندو رهيو. اسلم عرف بلا جي قتل کانپوءِ الزام حاجي اختر ۽ ذوالفقار سميت 10 ڄڻن مٿان لڳو هو. هڪ پارٽي جي دٻاءُ تي منشا اسلم جي قتل جي شاهدي کان انڪار ڪيو هو. جنهن تي ناظم ۽ ان جي ساٿي نديم 2012 ۾ منشا کي قتل ڪيو. ذريعن موجب ناظم کي موت جي سزا ۽ نديم کي عدالت مان عمر قيد جي سزا ٿي پر ناظم جي اپيل تي کيس 2019 ۾ ڪيس مان رهائي ملي. ناظم جي جيل مان اچڻ کانپوءِ  مبشر کوکر کيس لفٽ نه ڪرائي. جوابدار ناظم کي مبشر کوکر طرفان موٽ نه ملڻ جو ڏک هو، جڏهن ته ناظم کي لفٽ نه ڪرائڻ جو سبب ان جو گهٽا گروپ سان مخالفت هئي.