مدئجي ويجهو ٻارڙي تي مولوي جو مبينا تشدد

0
278

مدئجي(ن پ ا) مدئجي ويجهو ڳوٺ جندوديرو ۾ 9 سالا معصوم ٻار سرفراز پٽ سراج ڪنڀر مٿان مولوي جو تشدد، معصوم ٻار کي والد مدئجي پريس ڪلب کڻي آيو، سراج ڪنڀر جو چوڻ آهي ته منهنجو پٽ پنهنجي ناني جي گهر وڃي رهيو هيو ته مدرسي جي مولوي برڪت الله ڀٽو بناجواز معصوم ٻار کي کنڀي سخت تشدد ڪيو، هن چيو ته پٽ مولوي جي مدرسي ۾ به نه پڙهندو ان باوجود بناجواز تشدد ڪري ناجائزي ڪئي آهي، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي شڪارپور نوٽيس وٺي مولوي کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.