ٽنڊومستي ڀرسان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، پيرسن عورت مبينا طور مارجي وئي

0
187
ڪراچي: اورنگي ٽائون

ٽنڊومستي(ن پ ا) ٽنڊومستي ڀرسان اڪنامڪ زون ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڪانڊيرو ڦلپوٽو ۾ ڦلپوٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو، لتون، مڪن جي وسڪاري ۾ 60 ورهين جي پيرسن عورت خاندل زال لعل بخش ڦلپوٽو مبينا مارجي وئي، عورت جي وارثن جو ٻئي ڌر تي قتل جو الزام هنيو ويو آهي، اطلاع تي حد جي پوليس عورت جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ سول اسپتال خيرپور کڻائي وئي ، اڪنامڪ زون پوليس موجب پيرسن عورت کي ظاهر ڪو به ڌڪ جو نشان ڪونهي، پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کان ئي پوءِ ڪجهه چئي سگهجي ٿو، جڏھن ته وارثن جو چوڻ آھي ته اسان جي عورت جهيڙي دوران ڌڪ لڳڻ ڪري فوت ٿي آھي.