ڪراچي مان اغوا ٿيل قاضي احمد واسي بازياب نه ٿيو، ڌاڙيلن پاران ڀنگ طلب

0
257

قاضي احمد (ن پ ا) ڪراچي مان عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿي ويل قاضي احمد واسي پورهيت نوجوان راشد علي سيال ڌاڙيلن جي چنبي مان بازياب نه ٿي سگھيو، سندس جي اغوا بعد گھر ۾ ماتم برپا آهي، مغوي نوجوان جي جلد بازيابي لاءِ سندس امڙ ۽ ڀينر قرآن پاڪ لوڏي ڌاڙيلن کي نوجوان کي آزاد ڪرڻ لاءِ ايلاز ڪري رهيون آھن، ڪراچي پوليس مغوي جي وارثن جي ڪا به مدد نه ڪئي، 9 ڏھاڙا اڳ نوجوان ڪراچي جي علائقي بيھنس ڪالوني مان عورتاڻي آواز تي ھرکجي حيدرآباد پهتو ھو جتان اغوا ڪارن کيس مبينا طور اغوا ڪري ڪشمور ڪچي جي علائقي ۾ منتقل ڪيو، جتان مغوي جي آزادي لاءِ سندس ئي فون تان ڌاڙيلن پاران 25 لک رپيا ڀنگُ طلب ڪرڻ بعد نوجوان جي اغوا جي تصديق ڪئي جنهن کان پوءِ مغوي جي گهر ۾ ڪهرام متل آھي، سندس امڙ جو چوڻ آھي ته ڌاڙيلن پاران فوري طور ڀنگُ جي طلب ڪيل رقم ادا نه ڪرڻ تي نينگر کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آھي.