محبت حسين آھي!

0
345

محبت ڇا آھي؟ محبت جي شڪل شبيهه ڪهڙي ٿيندي آھي؟محبت کي سمجهڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالھه ناهي. محبت کي پروڙڻ به هڪ فن آھي! اهڙو فن ورلي ڪنهن ماڻھو وٽ هوندو آهي.
مون کي ماءُ مجاج، پاڃاري جيئن پُڃيو،
ورد وظيفا سڀ وسريا، نڪا رهي نماز،
هينئڙو بحري باز، چوري چنبن ۾ ڪيو. (شاهه)
شاعري ۾ محبت کي ايئن هڪ جذبي جنون طور پيش ڪجي ٿو ته ڇا اها پنهنجي اهميت به اوتري ئي رکي ٿي؟ جيڪڏهن اسان هن کي هڪ مفروضي طور سمجهون ته اهو انتهائي ڏکيو ٿيندو، جيئن نفسيات جي علم جو بنياد وجهندڙ سگمنڊ فرائيڊ به منجهي پيو هو! اهو ضروري ناهي ته فرائيڊ صحيح چيو پر سئو سيڪڙو سچ اهو به ته ناهي نه.
محبت هڪ اهڙو جذبو جنون آھي، جيڪو انسان جي دلين ۾ نفرتون ھٽائي پنهنجي محدود جاءِ والاري ٿو.
خليل جبران چوي ٿو ته جڏهن ٻه جسم ايئن ملن جو انهن وچ ۾ رتي جيترو به فرق باقي نه رهي اهي هڪ ٿي وڃن، انهن مان هڪ حصو پيدا ٿئي. جنهن کي ٻار چئبو آهي، ٺيڪ اهڙي ريت جڏهن ٻه روح پاڻ ۾ ملن ٿا ته ٻنهي ۾ هڪ نئون احساس پيدا ٿئي ٿو جنهن کي محبت ڪوٺجي ٿو. مطلب ته محبت ٻن روحن جو ميلاپ آهي. جيڪڏهن ان کي مرد عورت جي تعلق سان ڏسجي ته به اهو هڪ ميلاپ آهي. ٽئگور چيو ته جڏهن ڪنهن شخص لاءِ ڪنهن ٻئي جي سلامتي ۽ اطمينان پنهنجي سلامتي ۽ اطمينان کان وڌيڪ اهم بڻجي وڃي ته سمجهو ته پيار ٿي ويو آهي.
محبت ۾ پنهنجي ذاتي مطلب کان سواءِ پنهنجي پرينءَ جو مطلب ۽ ان جي خوشي وڌيڪ عزيز هوندي آهي. پر خود غرض ماڻهو نه ئي محبت ڪندا آهن ته ان قابل هوندا آهن جو انهن سان محبت ڪئي وڃي. اتي اهو سوال به پيدا ٿئي ٿو ته پوءِ اهڙو ڇا آهي جيڪي محبت جي دعويٰ ڪن ٿا ته اسان محبت ڪئي ان ۾ ٺڳي، خود غرضي، فريب مليو. ته پوءِ ان تي اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته شايد اها محبت ئي نه هئي.
محبت ۾ محبوب جي ناراضگي ۾ خوشي محسوس نه ٿي ٿئي؟ پنهنجي محبوب کي رسوا ۽ بدنام ڪرڻ جهڙا ڪڌا ۽ ڪنا خيال ته نه ٿا اچن؟ اسان ان جي بربادي جي دعا ته نه ٿا گهرون؟ اسان سندس عزت آبرو دنيا آڏو رکي اوڻايون بيان ڪري سڪون ته محسوس نه ٿا ڪريون؟ سندس بي وفائي جو پڙهو ڏئي دنيا ۾ واويلا ته نه ٿا مچايون؟ جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه ڪريون ٿا ته مطلب اسان محبت نه ٿا ڪريون! محبت جي توهين ٿا ڪيون، تذليل ٿا ڪريون، کيس رسوا ٿا ڪريون سندس اهميت کي ڪيرايون ٿا ڇو ته محبت ته ڏيڻ جو نالو آهي! وٺڻ جو نه محبت ته دعائون ڏيڻ سيکاريندي آهي بد دعائون هرگز نه، لطيف چيو ته 
جنهن کي ساڻ، پرينءَ جا سور،
تنهن کي ندي ناهه، نگاهه ۾.
اها محبت ڪهڙي جيڪا ناراضگي ۽ مفاصلن جو خيال ڪري گهٽجي وڃي، محبت ته هڪ اهڙو احساس آهي جنهن جي ماپ نه گهٽجندي آهي نه ئي وڌندي آهي! ان جي ماپ سدائين هڪ جهڙي ۽ برابر رهندي آهي ۽ انسانن جي زندگين ۾ توازن پيدا ڪندي آهي. جيڪڏھن شخصيت مان ڪينو ساڙ، حسد جي پاڙ پٽي ان ۾ همدردي، خلوص جو هڪ مٺڙو احساس ڀريندي آهي. ٻين جي مدد ڪرڻ، سندن تڪليفن کي سمجهڻ ۽ پنهنجي قلب کي پاڪ ڪري ان ۾ هڪ مٺڙي احساس جي سرهاڻ ڀري پنهنجي محبوب جي ڪوتاهين کي نظرانداز ڪري لڳاتار ان جي لاءِ ڪجهه ڪرڻ جو نالو محبت آهي، محبوب جي رسڻ سان محبت ڪڏهن نفرت ۾ ناهي بدلجندي. طعنا، مهڻا، شڪايتون ته هونديون آهن پر اهي به پاڻ تائين محدود هونديون آهن نه ڪي دنيا جي اڳيان نڪرنديون آهن. جڏهن ڪنهن کي واقعي محبت جي لنئون لڳندي آهي ته محبت ۾ اهڙو اهڙو مقام به ايندو آهي جتي معشوق پنهنجو پاڻ کي پنهنجي محبوب جو وڪيل تصور ڪندو آهي! جيئن خواجه زمان فرمايو ته 
سڪ روحاني ساميئين جسمي جاهلن،
ٻگهن مڇيءَ من پار سي پسن ڪي نه ڪي.
محبت رڳو وقتي ضرورت موجب توهان سان جڙيل نه هوندي آهي. ان ۾ جيڪڏهن ڪو احساس، خلوص ٻئي لاءِ قرباني جو جذبو موجود ناهي ته اُھي پنهنجي اندر جي ظرف کي جاڳائن ۽ سچائي تسليم ڪري ڪڏهن به پنهنجي محبوب سان محبت جو اظهار ڪري چون ته مون کي توسان محبت آهي چئي سندس معصوم جذبن ۽ پاڪ احساسن جي خون ڪرڻ جي ڪابه ضرورت ناهي! بلڪه کيس آءِ نيڊ يو جو لقب ڏئي ڇڏين، ڇو ته جنسي ضرورت مطلب ۽ خود غرضي سان جڙيل رشتا محبت جي پاڪيزه رشتن کان گهڻي قدر کوکلا ۽ ڪمزور هوندا آهن.محبت امر آھي. محبت سڪون آھي، محبت سچار آھي، محبت هڪ جنون آھي محبت سچ ۾ هڪ جذبو آھي. ڀٽائي چيو ته:
محبت جي ميدان ۾ ڪر پڙاڏو پٽ،
سر سوري، ڌڙ ڪنگرين، متان ڪڇين ڪت!
عشق نانگ نپٽ، خبر کاڌن کي پوي.شاھ لطيف