محنت، ايمانداري ۽ ميرٽ کانسواءِ قومون ترقي نه ڪنديون

0
342

دنيا  ۾ جتي به انساني خوشحالي،ملڪن ترقي جي بلندين کي ڇُھيو آھي يا سائنس جتي پھتي آھي، روزانو نيون ايجادون ٿين پيون ،انھي ۾ قابل،ايماندار  با صلاحيت ۽ شريف ماڻھن جو وڏو ڪردار آھي.ڪو نظريو، سياسي قيادت، حڪمراني، انصاف ڀريو معاشرو، بيوروڪريسي ،واپار،تعليم،جراحي طب يا مختلف شعبن جي اڄوڪي ترقي اهڙن فردن جي ڪري آھي.غير معمولي تخليقي، فڪري، سائنسي ۽ تحقيقي صلاحيتون رکندڙ فرد پنھنجي ذات ۾ خود، انجمن، ادارا ۽ حڪومتون ھوندا آھن.اڄ جن به ملڪن ۾ ترقي ۽ خوشحالي ٿي آھي ان ۾ فردن جو وڏو ڪردار آھي. دنيا ۾ قابل، صالح، خدا داد صلاحيتون رکندڙ ليڊرشپ ملڪ مان چونڊ قابل، ايماندار ۽ سٺي ساک رکندڙ ماڻھن جي ڳولا ڪري انھن جي صلاحيتن مان فائدو وٺندي اقتدار تائين پھچندا آھن وري اھل ماڻھو جي ڳولا ڪري انھن کي وزارتون ۽ اھم ادارن جو سربراهه بنائي انھن جي صلاحتين جو فائدو ملڪ ۽ عوام کي ڏياريو ويندو آھي.ذوالفقار علي ڀُٽو صاحب جڏھن اقتدار ۾ آيو ته ھن ڊاڪٽر قدير سميت پوري دنيا ۽ ملڪ مان چونڊ با صلاحيت ماڻھن کي ڳولي ڳولي اھم عھدن تي ويھاريو.ڀٽُو صاحب کانپوءِ اھل، ايماندار ۽ شريف ماڻھن جو مارشلا توڙي سياسي حڪومتن ۾ قدر ئي نه ٿيو.اھڙي ھوا  گُھلي جو ايمانداري، شرافت ۽ اھليت ماڻھن لاءِ عذاب بنجي وئي.ملڪي قيادت ئي اھڙي اچي وئي جو انھن کي مھا بي ايمان، بدڪردار، کاٽُائو پُٽ، چاپلوسي، خوشامد ڪندڙن جي ضرورت ھئي.اھل،ايماندار ۽ شريف ماڻھن جي انھي سياسي قيادت کي ان وقت ضرورت ھئي جڏھن ھُو ڪجھه نه ھئا.جڏھن نا اھل، شاطر ماڻھن کي قابل،با صلاحيت، شريف ۽ ايماندار ماڻھن ڇنڊي ڦُوڪي، ميڪ اپ ۽ پالش ڪري  عروج ۽ اقتدار ڏياريو ته جيڪي اڳواڻ ٿيا،طاقت ۽ اقتدار ۾ آيا انھن شريف، ايماندار ۽ با صلاحيت ماڻھن کي ڪنڊائتو ڪري ڇڏيو،ڇاڪاڻ ته ھُو سندن ڪم جا نه رھيا.وري جڏھن اڳواڻ پنھنجي پرڪارن، ڪرپشن۽ نااھلي سبب رياستي ڏنڊي ھيٺ آيا، اگھاڙا ٿي عوام سامھون آيا، بي نقاب ٿي اصليت سامھون آئي،گراف ڪري پيو ته ان وقت کين اُھي ايماندار،شريف ۽ با صلاحيت ماڻھو ياد ايندا آھن،جيئن ھاڻ پيپلزپارٽي قيادت کي چوڌري اعتزاز، ڪائره. فرحت بابر ۽ ٻيا ڪيترا پراڻا ياد اچيو وڃن.جڏھن اقتدار ۽ عروج ھو ته سندن ڪا اھميت نه ھئي پر ھاڻ ته وٽن صفائي ۽ ڪُوڙ ھڻڻ لاءِ به ماڻھو نه بچيو آھي. اھو حال ملڪ جي سڀني سياسي۽ قومپرست پارٽين جو آھي.ھاڻ جڏھن سختي ٿي آھي ته چور، ڀتي خور، بي ايمان، بدعنوان،نااھل ۽ ٻه نمبري لڪڻ ۾ پورا آھن ته وري اھل، ايماندار ۽ شريف ماڻھن جي اھميت وڌي آھي.جيڪڏھن ايئن بد عنوانن، نااهلن، ۽قبصي گيرن ۽ پوليس ۽ داداگيرن جي زور تي حڪومت ڪندڙن کي ھٿڪڙيون لڳن.شينھن ٻڪري ھڪ ٿي وڃن ته وري اھل، ايماندار ۽ شريف ماڻھو گھڻائي ۾ پيدا ٿيندا.توڙي جو اسان وٽ عزت، مان مرتبي، طاقت ۽ حشمت جي نشاني دولت، طاقت ۽ سرڪاري عھدو آھي جيڪو جيترو وڏو ڪرپٽ ، بي ايمان ۽ بدڪردار ان کي اوترو وڏو عھدو ۽ کيس سماج ۾ به اوتري عزت ملي ٿي، اھوئي سبب آھي جو ھن ملڪ جا سماجي قدر ختم ٿي ويا آھن. ملڪ جي اڪثريت ڪجهه ماڻھن وٽ يرغمال آھي. انھن کي جيئن کپي ٿو تيئن ملڪ جو ڪار ونھوار ھلائين ٿا، پر ھاڻ ھي فرسوده نظام پنھنجي عمر پوري ڪري پاڻ ئي ڊھي پيو. جيڪڏھن ملڪ جي سڄي نظام جي اوور ھالنگ نه ٿيندي ته سڄو ڍانچو ڊھي پٽ پوندو ۽ ملڪي سالميت به خطري ۾ پوندي.