مسئلن کي منهن ڏيڻ جي اهليت کان وانجهيل حڪمران

0
365

جڏهن پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ، پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ جي سياسي ويڙھه سبب ختم ٿيڻ تي آهي تڏهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي وزيرن مشيرن ۽ سوشل ميڊيا تي پي ٽي آئي جي حق ۾ ڳالهائيندڙن زور ۽ شور سان پي ڊي ايم جي پارٽين مٿان ڇتي تنقيد ڪرڻ شروع ڪئي ۽ موقف اختيار ڪيو ته پي ڊي ايم جي سياسي اتحاد جي ٻن وڏين سياسي پارٽين پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ جو ان اتحاد ۾ ايئن شامل ٿيڻ سمجھه کان ٻاهر آهي ماضي ۾ هڪ ٻئي مٿان الزام لڳائڻ وارا ڪيئن هڪ اتحاد جي جهنڊي هيٺ گڏجي ويهي سگهن ٿا، اهو هڪ غير فطري اتحاد هو جنهن جو انت ختم ٿيڻ کان علاوه ڪجهه به نه هو.
وفاقي حڪومت پي ڊي ايم جي ٽٽڻ تي خوش ٿي رهي هئي ته مٿس تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي معاملي کين اچي منجهايو، اهو معاملو ايترو ته حساس آهي جو تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي موقف جي تائيد ڪرڻ کان ڪو به مسلمان انڪار نٿو ڪري سگهي. حڪومتي وزيرن جو چوڻ آهي ته تحريڪ لبيڪ وارن اڳواڻن سان گذريل چئن مهينن کان ڳالهيون هلي رهيون هيون پر ان جا نتيجا نڪرڻ کان پهريان تحريڪ لبيڪ وارن ويھه اپريل تي اسلام آباد اچڻ سميت ملڪ کي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو. حڪومتي موقف مطابق ته ان وڻندڙ صورتحال سبب حڪومت کي لاهور ۾ تحريڪ لبيڪ جي يتيم خانا چوڪ تي مسجد ۾ سورنهن ۽ ارڙهن اپريل وارن ڏينهن ۽ راتين ۾ پوليس ذريعي چڙهائي ڪئي اهڙي چڙهائي سبب تحريڪ لبيڪ جي ڪارڪنن ڪجهه پوليس اهلڪارن کي اغوا ڪيو ۽ پنهنجن گرفتار ڪيل ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي آزادي جو مطالبو ڪيو. حڪومت انهن جي مطالبي کي مڃتا ڏيڻ بجاءِ انهن کي طاقت جي زور تي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ڪري ڪارڪنن سان وڌيڪ چڪريون ٿيون حالت ايتري خراب ٿي جو انهن واقعن ۾ انساني جانيون ضايع ٿيون.
لاهور ۾ صورتحال هن وقت به يتيم خانا چوڪ جي حد تائين بهتر ناهي پوليس ۽ ڪارڪنن ۾ وقفي وقفي سان چڪريون جاري آهن، ٻئي طرف پنجاب حڪومت جي قانون واري وزير راجا بشارت جي سربراهي ۾ تحريڪ لبيڪ جي جيل ۾ موجود سربراهه مولانا سعد رضوي سان ڳالهيون ڪيون جن جو ڪو به کڙ تيل نه نڪتو پوءِ پنجاب حڪومت پنجاب ۾ مختلف مذهبي مسلڪن سان تعلق رکندڙ عالم سڳورن کي گڏ ڪيو انهن کي بريف ڪيو جن مولانا سعد رضوي سان ملاقات ڪئي پر ان جو به ڪو نتيجو نه نڪتو، ڳالهيون ڪرڻ جو اهو سلسلو پنهنجي جاءِ تي جاري هو ته وزير اعظم عمران خان سرڪاري ٽي وي چينل تي اچي ڪري ايڊٽ ڪيل خطاب ڪيو جنهن ۾ سلمان رشدي جي ڪتاب کان ويندي يورپ جي ٻين ملڪن ۾ تازو ماضيءَ ۾ جيڪي گستاخاڻا خاڪا ڇاپيا ويا انهن جو ذڪر ڪندي قوم کي ٻڌايو ته تحريڪ لبيڪ جو موقف پنهجي جاءِ تي درست آهي پر ڪير مسلمان آهي يا ڪنهن جي دل ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي محبت آهي يا نه ان جو فيصلو ڪرڻ ڪنهن انسان جي وس جي ڳالهه ناهي، وزير اعظم پنهنجي پاران مسلم ملڪن جي سربراهن کي لکيل خط جو حوالو ڏنو ۽ چيو ته هو يورپ جي اهڙي عمل کي هميشه لاءِ روڪڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، وزير اعظم جي قوم کي خطاب کان اڳ وفاقي حڪومت ڪابينا کان سرڪيوليشن سمري ذريعي تحريڪ لبيڪ پاڪستان مٿان پابندي مڙهڻ جو فيصلو ڪيو، اهو فيصلو ڪرڻ کان اڳ انهن کي اها خبر هئي ته ڪنهن به سياسي پارٽي مٿان ان وقت تائين پابندي نٿي لڳائي سگهجي جيستائين سپريم ڪورٽ فيصلو نٿي ڏئي، حڪومت ان رخ کي سامھون رکي فيصلو ڪيو ته سپريم ڪورٽ ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان مٿان پابندي لڳائڻ لاءِ ريفرنس داخل ڪيو ويندو جنهن ۾ سمورا اهڙا عدالتي فيصلا يا مثال شامل ڪيا ويندا ته جيئن اهو ريفرنس خارج نه ٿئي.
وزير اعظم عمران خان ۽ گهرو وزير شيخ رشيد اٽارني جنرل سان ملاقاتون ڪيون ۽ کيس ريفرنس تيار ڪرڻ جون هدايتون ڪيون، اعتبار جوڳن ذريعن جو چوڻ آهي ته اٽارني جنرل حڪومتي اڳواڻن کي واضع ڪيو ته اوهان جيڪي سياسي بيان ڏنا آهن ته هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ ريفرنس داخل ٿي ويندو اهو ممڪن ناهي ان ڪري سياسي بيان ڏيڻ کان پهريان سوچيو ته سهي ڪٿي بيان ورندو منهن ۾ نه لڳي، پر افسوس جو اٽارني جنرل جي سمجهائڻ بجاءِ وزير اعظم ھجي يا وري ڪوئي وزير هجي انهن کي اها ڳالھه سمجھه ۾ نه ٿي اچي، تحرڪ لبيڪ جي مٿان پابندي واري مامري تي هر وزير جيڪو سمجهي ٿو کيس سياسي فائدو ٿيندو اهو بيان ڏئي رهيو آهي،. تازو سوشل ميڊيا تي بحري مامرن واري وفاقي وزير علي زيدي جو مبينا وائس نوٽ گشت ڪري رهيو آهي جنهن ۾ هن سعد رضوي کي ليڊر بڻائڻ وارن مٿان تنقيد ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته هي ڪهڙو ملڪ آهي جتي عوام جي ڳالھه نٿي ڪئي وڃي ڪجهه عام ماڻهن کي زبردستي ليڊر بڻايو پيو وڃي. علي زيدي جو اهو وائس نوٽ اهڙي صورتحال بيان ڪري رهيو آهي ته وفاقي حڪومت جي ڪمن ۾ اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت کين ڪيترو نه پريشان ڪيو آهي، ڪيئن ملڪ ۾ ليڊر پيدا ڪيا ويندا آهن. علي زيدي کي شايد اها سمجھه هاڻي آئي آهي ته ملڪ ۾ ليڊرن جي پيدا ڪرڻ جي فيڪٽري اسٽيبلشمينٽ وارن وٽ لڳل آهي ۽ ان فيڪٽري مان تيار ٿي ليڊر بڻجڻ لاءِ هر هڪ تيار ويٺو آهي، جيئن 2012ع جي لاهور جلسي کانپوءِ وزير اعظم عمران خان کي هڪدم عوامي مقبوليت ڏياري وئي جڏهن ته عمران خان پاڻ اهو مڃي چڪو آهي ته جڏهن هن پي ٽي آئي جو بنياد وڌو هو تڏهن شاھه محمود قريشي به کيس ٽانگا پارٽي هئڻ جا طعنا ڏنا. اها ڳالھه علي زيدي کي هاڻي سمجھه ۾ آئي آهي، خير دير آيد درست آيد، شايد اهڙي سمجھه هڪ ٻن وفاقي وزيرن کان علاوه سڀني کي اچي وئي هجي، هڪ ٻن کي باقين کان الڳ ڪرڻ جو مقصد آهي ان ليڊر تيار ڪرڻ واري فيڪٽري جي ٻاهران پرچي وٺي بيٺا آهن ته هنن جو وارو ڪڏهن به اچي سگهي ٿو.
بحر حال تحريڪ لبيڪ پاڪستان مٿان پابندي مڙهڻ ايترو آسان ناهي،. هن وقت ريفرنس جي تياري ۾ اٽارني جنرل خالد جاويد خان لڳل آهي، کيس پنهجي ريفرنس ۾سپريم ڪورٽ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن سياسي پارٽي مٿان پابندي مڙهڻ لاءِ آيل درخواست ۽ ان جي فيصلي سميت اهڙين سمورين درخواستن ۽ انهن جي فيصلن جو ذڪر ڪرڻو آهي جيڪي سڌي يا اڻ سڌي طرح کيس ٻڌڻي دوران فائدو ڏين. سپريم ڪورٽ ۾ سڀ کان پهريان عوامي نيشنل پارٽي مٿان پابندي مڙهڻ لاءِ ريفرنس آندو ويو جنهن کان پوءِ حافظ سعيد جي پارٽي جماعت الدعوہ مٿان پابندي مڙهڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي وئي هئي جنهن جو فيصلو حافظ سعيد جي حق ۾ آيو. اٽارني جنرل خالد جاويد خان هڪ سمجھدار وڪيل آهي ان پاران اها ڪوشش ڪئي ويندي ته هو اهڙو ريفرنس تيار ڪري جنهن سان کيس عدالتي محاذ تي ناڪامي نه ٿئي ان ڪري هو سمورا عدالتي ملڪي توڙي پرڏيهي فيصلا ان ۾ شامل ڪري رهيو آهي.
تحريڪ لبيڪ پاڪستان مٿان پابندي وجهندڙ موجوده حڪومت جو جيڪڏهن ويجهو ماضي ڏسجي ته ان ن ليگ جي گذريل دور ۾ جڏهن مولانا خادم رضوي فيض آباد ڌرڻو هنيو ان جي تقريبن حمايت ڪئي ۽ اهو موقف اختيار ڪيو هو ته ان وقت جي حڪومت مظاهرو ڪندڙن مٿان ظلم ڪري رهي آهي. جڏهن ته هاڻوڪي پي ٽي آئي جي وفاقي حڪومت هجي يا وري صوبائي حڪومت ان به ن ليگ واري حڪومت جي نقش قدم تي هلندي تحريڪ لبيڪ وارن مٿان تشدد ڪيو. اهڙي صورتحال ۾ ايئن چئجي ته ن ليگ جي حڪومت ۾ مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪندڙ پي ٽي آئي ان وقت مولانا خادم رضوي جي ان ڌرڻي کي ڀرپور طريقي سان استعمال ڪندي سياسي فائدا حاصل ڪيا جڏهن ته هن وقت مخالف ڌر ۾ ويٺل ان وقت جي حڪمران پارٽي ن ليگ ۽ ٻيون سياسي پارٽيون ان صورتحال جو ڀرپور طريقي سان سياسي فائدو حاصل ڪري رهيون آهن.ڪيترو نه عجيب آهي جو مولانا خادم حسين رضوي جي ڌرڻي واري ڪيس ۾ فيصلو ڏيندڙ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اڄ ٻن سالن کانپوءِ ساڳي صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي فرق صرف ايترو آھي ته ان وقت جسٽس قاضي فائز عيسيٰ فيصلو ڏنو هو هاڻي پاڻ جج هئڻ باوجود فيض آباد ڌرڻي واري ڪيس کانپوءِ آيل صدارتي ريفرنس تي پاڻ ۽ سندس وني ساڳي وقت عدالت ۾ پنهنجي بيگناهي ثابت ڪرائڻ لاءِ جهيڙو ڪري رهيا آهن.