اسلام آباد: صدر پاران ٽيڪس قانونن ۾ جاري ڪيل ٽئين ترميم جي آرڊيننس 2021ع تحت ڊائريڪٽر جنرل پاران ڪيل ويليوئيشن سان متاثر شخص 30 ڏينهن ۾ ميمبر ڪسٽم وٽ اپيل داخل ڪري سگهندو، جڏهن ته آن لائين شين جي وڪرو تي سيلز ٽيڪس جو 11هون شيڊول لاڳو ٿيندو، ان تحت ٽيڪس ڏيڻ جا آن لائين خريداري ڪندڙ ۽ وڪرو ڪندڙ پابند هوندا.