اسلام آباد: وفاقي حڪومت پاران پارليامينٽ ذريعي قانون سازي ڪرڻ بجاءِ آرڊيننس ذريعي اهم ترميمون ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، پر وفاقي حڪومت پاران آرڊيننس ذريعي عارضي قانون سازي کي ڳجهو رکڻ جو به سلسلو جاري آهي، اڪثر طور تي صدر پاران جاري ٿيندڙ آرڊيننس ايوان صدر توڙي قانون وزارت پاران ميڊيا کي عوام کي معلومات جي فراهمي لاءِ فراهم نه ٿا ڪيا وڃن، جنهن ڪري آرڊيننس ڪيترن ڏينهن ۽ مهينن کان به پوءِ سامهون اچن ٿا، تازو ٽيڪس قانونن ۾ صدر پاران جاري ڪيل آرڊيننس به 2 ڏينهن پهريان جاري ڪيو ويو، جيڪو به ميڊيا کي باضابطه طور تي فراهم نه ڪيو ويو.