اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ اٽي جو بحران، حڪومتي اتحادي جماعت جا سينيٽر حڪومت تي ڪاوڙجي پيا تفصيل موجب سينيٽ جي اجلاس ۾ حڪومتي اتحادي پارٽي جي يو آءِ جي سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو ته ملڪ ۾ اٽي جو بحران آهي، ماڻهو چون ٿا ته سيمنٽ کائون؟ سيمنٽ کائڻ سان اسان مضبوط ٿينداسين، ڇا اسان کي حڪومتي بيچن تي ويهڻ جو ڪو جواز آهي، ماڻهن وٽ کائڻ لاءِ ماني نه آهي، اسان کي ماڻهن وٽ وڃڻو آهي اسان وٽ ڪجهه نه بچيو آهي، جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق چيو ته حڪمران جيئڻ جو هر وسيلو کسي رهيا آهن، افغانستان ۽ ايران ۾ اٽو پاڪستان جي مقابلي ۾ سستو آهي، زرعي ملڪ آهيون پر ماڻهو اٽي جي لائينن ۾ بيهي جان ڏئي رهيا آهن.