ماسڪو (م ڊ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ماسڪو دوري دوران روس پاڪستان کي توانائي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ڀرپور سهڪار جي خاطري ڪرائي ڇڏي. ماسڪو ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري روسي هم منصب سرگئي لاروف سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان توانائي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي، اميد ته هن دوري ۾ اڳڀرائي ٿيندي ۽ ٻيا ملڪ گڏيل لاڳاپن ۾ مداخلت نه ڪندا. بلاول ڀٽو چيو ته سمورن تڪرارن جو پرامن حل ۽ روس سان لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا، روسي پرڏيهي وزير سان سڀني شعبن ۾ دوستاڻي ماحول ۾ گفتگو ٿي، پاڪستان ۽ روس جا لاڳاپا 2 طرفي ۽ علائقائي استحڪام لاءِ اهم آهن ۽ پاڪستان روس سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. ان موقعي تي روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف چيو ته پاڪستان ۽ روس جو مختلف عالمي فورمز ۾ سهڪار بابت گڏيل موقف آهي، پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ سهڪار جاري آهي، پاڪستان جون توائاني ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ڀرپور سهڪار ڪنداسين. هن چيو ته افغانستان ۾ امن لاءِ پاڪستان ۽ روس ڪوششون جاري رکندا، اڻ ڌري پوزيشن جي لحاظ سان پاڪستان جو موقف ساراهه جوڳو آهي.