ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا صبا قمر ماهرا خان سان دوستي نه ٿيڻ تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.صبا قمر هڪ ويب سائٽ کي انٽرويو ڏيندي چيو ته ماهرا خان ۽ مان پاڻ ۾ دوست ناهيون پر ان ڳالهه ۾ به ڪا صداقت ناهي ته اسان ٻنهي جي وچ ۾ ڪو مسئلو آهي، حقيقت ۾ ماهرا ۽ منهنجو ڪنهن به طرح ملڻ جلڻ ناهي ٿيو ڇو ته اسان ٻنهي ڪڏهن گڏ ڪم ئي ناهي ڪيو، ماڻهو بس بنا ڪنهن سبب جي ڳالهيون وڌائي ٻڌائيندا آهن.صبا قمر چيو ته ماهرا جو پنهنجو ۽ منهنجو پنهنجو مقام آهي ۽ ڪوبه ڪنهن جي جاءِ نه ٿو وٺي سگهي، ماهرا خان پنهنجي جاءِ تي  رهندي بهترين ڪم ڪري رهي آهي ۽ مون کي اهو لڳي ٿو ته مان پنهنجي ننڍڙي دنيا ۾ سٺو ڪم ڪري رهي آهيان.