ڪراچي (شوبز نيوز)  پاڪستان ڊرامه انڊسٽري جي مشهور ۽ باصلاحيت اداڪاره سارا خان پنهنجي شادي جي حوالي سان هلندڙ خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته منهنجي باري ۾ ڪوڙيون افواهون هلائڻ بند ڪيون وڃن.سارا خان پنهنجي اهڙيون ڳالهيون سارا خان انسٽاگرام اداڪاره جو چوڻ هو ته ڪنهن جي به ڳالهه تي يقين تيستائين نه ڪيو وڃي جيستائين مان پاڻ اها ڳالهه نه چوان.اداڪاره چيو ته منهنجي پرائيويسي جو خيال ڪيو وڃي ۽ اهڙيون ڪوڙيون افواهون هلائڻ کان پاسو ڪيو وڃي. سارا خان وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو ته مان تمام جلد شادي ناهيان ڪري رهي.واضح رهي ته گذريل ڏينهن هڪ انٽرويو ۾ سارا خان آغا علي سان بريڪ اپ جي حوالي سان خاموشي ختم ڪندي چيو هو ته آغا علي سان گڏ رشتو ختم ڪرڻ جو فيصلو درست هو ۽ وقت اهو ثابت به ڪري ڇڏيو آهي.