مانجھند (ن پ ا) مانجھند ڀرسان سپر ڪول مائينز ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ کپري واسي پورهيت پراسرار نموني فوت ٿي ويو. ان ڏس ۾ لاکڙا ڪول مائنز جي سپر ڪول مائينز ڪمپني ۾ ڪوئلي جي کاڻ ۾ پورھيو ڪندڙ کپرو واسي 22 ورهين جو نوجوان جمشيد راڄڙ پراسرار نموني فوت ٿي ويو. ڪمپني جي ٻين پورھيتن ڪول مائينز پوليس کي پورھيت جي فوت ٿيڻ جو اطلاع ڏنو ، ايس ايڇ او ڪول مائين علي پريو واقعي واري جاءِ تي پھچي پورھيت جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم ۽ ضروري ڪاغذ ڪارروائي لاءِ مانجھند اسپتال منتقل ڪيو، جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻئي طرف ايس ايڇ او ڪول مائينز جو چوڻ ھو ته پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ کان پوءِ واقعي جو ڪارڻ معلوم ٿي سگھندو وڌيڪ معاملي جي جاچ ڪيون پيا.