ماتلي ۾ روڊ ڪراس ڪندي ڪار جي ٽڪر ۾ 2 نينگريون سخت زخمي،وارثن جو ڌرڻو

0
218

ماتلي (ن پ ا) ماتلي ۾ جھيجا اسٽاپ وٽ روڊ ڪراس  ڪندي ڪار جي ٽڪر ۾ 2 نينگريون  سخت زخمي ٿي پيون، وارثن پاران ڌرڻو ھنيو ويو آھي. حادثي ۾ ڏهن ورهين جي عذرا  ۽ 8ورهين جي شمائلا لغاري زخمي ٿي پيون، کين حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، زخمي نينگرين جي وارثن پاران  حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو ھنيو ويو، ڪار ڊرائيور جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو.