سوال/سروي خانگي اسڪولن جي استادن لاءِ 25 هزار پگهار تي عمل ڪير ڪرائيندو؟ ان سان فيسون وڌنديون: عوام

0
217

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ جي خانگي اسڪولن جي استادن لاءِ 25 ھزار پگھار لازمي قرار ڏيندي اسڪولن جي رجسٽريشن تي نظرثاني جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سنڌي پڙھائڻ لازمي ھوندي، سنڌ سرڪاري جي اھڙي فيصلي کي اوھان ڪيئن ٿا ڏسو؟ان فيصلي تي عمل ٿيندو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته اهو فيصلو سٺو آهي پر عمل ڪير ڪرائيندو؟ جيڪڏهن خانگي اسڪول استادن جون پگهارون وڌائيندا ته ان سان شاگردن جون فيسون به وڌائيندا، سروي ۾ تجويز ڏني وئي ته سنڌ حڪومت کي گھرجي ته اڌ پگھار پاڻ ڀري ۽ اڌ پگھار خانگي اسڪول ڀرن. سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي محمد يونس کوسو لکيو ته ان تي عمل ڪونه ٿيندو. خادم گهراڻو لکيو ته خانگي اسڪول پنج کان ڏهه هزار استادن کي ڏين ٿا نجويهه هزار مناسب آهن، شاهنواز چاوڙو لکيو ته سٺو فيصلو آهي، گل حسن شر به فيصلي جي آجيان ڪئي، ڪامريڊ لڪش ولماڻي لکيو ته خانگي اسڪولن ۾ استادن جي پگهار صرف 5 هزارن تائين محدود آهي، سنڌي به نٿي پڙهائي وڃي، عبدالرحمان چانگ لکيو ته ان فيصلي تي عمل نه ٿيندو، مجيب الرحمان لکيو ته وڏن شهرن ۾ ٿي سگهي ان فيصلي تي عمل ٿئي، شوڪت جلباڻي لکيو ته سنڌ حڪومت اھڙا ئي فيصلا وٺندي آھي جيڪي ناممڪن ھو ندا آھن، عبدالقدير ناريجو لکيو ته سٺو فيصلو آهي خانگي اسڪولن ۾ استادن کي 8-10 هزار ملن ٿا سنڌي ٻولي شروع ۾ پڙهائڻ به وقت جي اهم ضرورت آهي، نماڻو نوناري لکيو ته سٺو فيصلو آهي، آسنداس لڇواڻي لکيو ته سرڪار ان فيصلي تي عمل به ڪرائي، راجا خان عباسي لکيو ته فيصلو ته سٺو آهي پر عمل ڏکيو هوندو، محمد عثمان مهر لکيو ته فيصلو ته بھترين آھي، پر عمل به ڪرائڻ کپي اھو فيصلو ڪرڻ کان پھريان سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي تحت ھلندڙ اسڪولن ۾ اھو سلسلو شروع ڪرڻ کپندو ھو، هزار خان لکيو ته بهترين فيصلو آهي پر خانگي اسڪولن وٽ ايترا وسيلا آهن جو ايتري پگهار ڏئي سگهن، ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته خانگي اسڪول جي مالڪن کي نقصان آهي سنڌ سرڪار کي خانگي سڪول جي مالڪن سان سنڌ سرڪار سهڪار ڪرڻ گهرجي، آسودومل لوهاڻو لکيو ته انهي فيصلي تي عمل ڪرايو وڃي، عباس ملاح لکيو ته خانگي اسڪول مالڪ غريب بيروزگارن کي ٽي کان چار ھزار رپيا پگھار ڏين ٿا، ذوالفقار ڪولاچي لکيو ته ساکائتا اسڪول سنڌي پڙھائڻ وارن استادن کي چاليھه ھزار رپيا پڻ معاوضو ڏين ٿا، شنڪر باغي لکيو ته اهي رڳو اعلان آهن، حاجي ملاح لکيو ته فيصلي تي عمل ڪير ڪرائيندو، منيش واسو لکيو ته سنڌ حڪومت کي گھرجي ته اڌ پگھار پاڻ ڀري ۽ اڌ پگھار خانگي اسڪول ڀرن، عبدالحفيظ ويسر لکيو ته سيف وارا اسڪولن جا مالڪ استادن کي 8کان 12 ھزار تائين ڏئي سگھن ٿا، جاويد علي زرداري لکيو ته سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم تباهه آهي، صدام بجير لکيو ته فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا، بشير ميراڻي لکيو ته خانگي اسڪولن کي پابند بڻايو وڃي، عامر علي تيوڻو لکيو ته ان فيصلي سان خانگي اسڪولن ۾ پڙهائيندڙ استادن مان مايوسي پڻ ختم ٿيندي، سڪندر علي مهر لکيو ته ان فيصلي تي عمل ٿيو ته ڪيترائي اسڪول بند ٿي ويندا، ايم جڙيل چانڊيو لکيو ته سيف ۾ 7 هزار رپيا به پگهار ڏني ويندي آهي، محمد پريل عباسي لکيو ته سنڌي لازمي پڙهائي وڃي، مهاوير ٽيڪواڻي لکيو ته سنڌي لازمي هجڻ گهرجي، نبيل ڏيٿو لکيو ته خانگي اسڪولن جي استادن جي پگهار وڌندي ته اها وري شاگردن مان نڪرندي، جاويد چنو لکيو ته ان تي عمل ڪير ڪرائيندو؟ امتياز جمالي لکيو ته شل ان ڳالهه تي قائم رهن، عابد شر لکيو ته ڇا هنن کي خبر ناهي نجي اسڪولن ۾ ڇاپيو ٿئي، صالح نوحاڻي لکيو ته بهترين فيصلو آهي، اسدالله هنڱورجو لکيو ته پرائيوٽ اسڪولن وارا ڪڏهن به اهو نه ڪندا. ارشاد علي لکيو ته شل عمل ٿئي، عبدالحفيظ ملاح لکيو ته عمل ڪير ڪرائيندو؟ زاهد باجڪاڻي لکيو ته خانگي اسڪولن پگهارون وڌايون ته پوءِ فيسون به وڌنديون جنهن ۾ غريب شاگردن جو نقصان ٿيندو، نچلداس پرمار، ظفر خان به سروي ۾ حصو ورتو، عبدالمجيد جسڪاڻي، فيصلي جي آجيان ڪئي، گل حسن لکيو ته پوءِ فيس وڌائيندا، نادر سيال لکيو ته پوءِ اهي پئسا اسان غريبن کي ڀرڻا پوندا، عزيز سومرو، وقار حسين، ساگر امير حيد، اسلم سومرو، شمس الدين رند، احسان سومرو، لياقت شيخ، آزاد زرداري، محمد اعظم به فيصلي جي آجيان ڪئي ۽ سوال اٿاريو ته ان تي عمل ڪير ڪرائيندو. طارق حسين راڄپر، عابد خان به سروي ۾ حصو ورتو.