خيرپور (رپورٽر) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي اڪيڊمڪ ڪائونسل جو 16 هون اجلاس وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا. اڪيڊمڪ ڪائونسل جي 15 هين اجلاس جي فيصلن جي منظوري ڏني وئي. اڪيڊمڪ ڪائونسل 25 محققن کي مختلف شعبن باٽني، بين الاقوامي تعلقات، اردو، ڪامرس، پبلڪ ايڊمنسٽريشن، ڪيمسٽري، آرڪيالاجي، اڪنامڪس ۽ پاڪستان ۾ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون ايوارڊ ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. ان کان علاوه اڪيڊمڪ ڪائونسل 346 محققن کي مختلف شعبن ۾ ايم ايس/ ايم فل جون ڊگريون ايوارڊ ڪرڻ جي منظوري ڏني. اڪيڊمڪ ڪائونسل فيڪلٽي آف مينجمنٽ سائنسز، فيڪلٽي آف سوشل سائنسز، فيڪلٽي آف فزيڪل سائنسز، فيڪلٽي آف نيچرل سائنسز ۽ فيڪلٽي آف آرٽس ۽ لينگويجز جي بورڊ آف فيڪلٽيز جي تجويزن جي پڻ منظوري ڏني. اڪيڊمڪ ڪائونسل هائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد پاران موصول ٿيل ايم ايس/ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جي نيئن پاليسي معمولي تبديلي سان نافذ ڪرڻ جي منظوري ڏني.