ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ وڪيل جي پٽ ۽ ڊرائيور سميت ٻين گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ داخل ڪيل درخواست تي ڪيس جي جاچ آفيسر حيدرآباد جي ايس پي (سي ٽي ڊي) ايوب دراني پاران مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي گم ٿيل ماڻهن کي بازياب نه ڪرائڻ تي جاچ تان هٽائڻ جي هدايت ڪندي 17 جون تي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ڪالهه ٻڌڻي دوران جسٽس ڪي ڪي آغا پڇيو ته گم ٿيل ماڻهن جي معاملي ۾ ڪهڙي اڳڀرائي ڪئي وئي آهي؟ جنهن تي ايس پي دراني عدالت کي ٻڌايو ته بينڪ اڪائونٽس ۽ سڃاڻپ ڪارڊز بلاڪ ڪرڻ لاءِ نادرا کي خط لکيو آهي، جنهن تي عدالت ايس پي کي چيو ته انگريزي ۾ جواب ڏيو، توهان ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن؟ جنهن تي ايس پي ايوب دراني عدالت کي ٻڌايو ته مون کي انگريزي ڳالهائڻ نه ايندي آهي، ان موقعي تي جسٽس ڪي ڪي آغا چيو ته ايس پي رينڪ جا آفيسر ٿي به انگريزي نٿا ڳالهائي سگهو ! عدالت چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي واري معاملي بابت پوليس جون ڪهڙيون ايس او پيز آهن؟ جنهن تي ايس پي دراني عدالت کي جواب نه ڏئي سگهيو، جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته جنهن آفيسر کي ايس او پيز جو ئي پتو ناهي، ان کان گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي جي ڪهڙي اميد رکي سگهجي ٿي. جسٽس ڪي ڪي آغا ايس پي دراني کي مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن اوهان جو پٽ گم ٿي وڃي ته پوءِ توهان کي ڪنهن جي ڏک جو احساس ٿيندو.