ميهڙ(ن پ ا) ميهڙ شهر جي گلشن مدينه ڪالوني مان چاٻي چور جوابدار ميھڙ ۾ ڪار شوروم جي مالڪ حاجي روشن لاشاري جي گهر جي دروازي آڏو بيٺل جي ايل آء ڪار ماڊل 2011 چوري ڪري ڪاھي فرار ٿي ويا آهن، اطلاع باوجود ميهڙ پوليس ڪار چوري ٿي وڃڻ جو ڪيس داخل ناهي ڪيو، ڪار جي مالڪ روشن لاشاري ٻڌايو ته هو ڪار پنهنجي گهر جي دروازي ٻاهران بيهاري گهر ويو واپس آيو ته ڪار نه هئي. هن چيو ته سندس ڪار نامعلوم چاٻي چور ڪاهي فرار ٿي ويا آهن.