لاڙڪاڻي ۾ رليون کپائيندڙ موٽر سائيڪل سوار نينگري کي مبينا اغوا ڪري ويو

0
240

لاڙڪاڻو(ن پ ا) لاڙڪاڻي جي سچل ٿاڻي جي حد سستي بستي ڪالوني ۾ رلهيون کپائيندڙ موٽر سائيڪل سوار 6 ورهين جي معصوم نينگري کي موٽر سائيڪل تي مبينا اغوا ڪري فرار ٿي ويو 6 ورهين جي نينگري شهزادي ڌي ميانداد رند گهر ٻاهران راند ڪري رهي هئي ته موٽر سائيڪل سوار اڻڄاتل ماڻهو جيڪو گڏيون کپائڻ بهاني معصوم نينگري کي موٽر سائيڪل تي کڻي ويو، اهڙو اطلاع حد جي ٿاڻي تي ڏنو ويو آهي پر پوليس هن وقت تائين ڪجهه نه پئي ڪري نينگري جي گهر ۾ روڄ ۽ راڙو ٻئي طرف سچل پوليس جو چوڻ آھي ته وارثن ٻڌايو ته رلهيون کپائيندڙ نينگري کي کڻي ويو آھي جنهن جا تفصيل وٺي جاچ ڪري رهيا آھيون جلد نينگري جي ڳولا ڪري وارثن حوالي ڪيو ويندو، ٻئي طرف نينگري جي وارثن نينگري جي وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آھي اغوا ڪندڙ جي تصوير سي سي ٽي وي هٿ اچي وئي آھي.