مٽياري (رپورٽر) نيوسعيدآباد واسي پسند جي شادي ڪندڙ جوڙو تحفظ لاءِ عدالت پهچي ويو، مسمات ناظمان لاکو ۽ نور محمد لاکو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج مٽياري جي عدالت ۾ وڪيل معرفت تحفظ لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي، ان حوالي سان درخواستگذارن عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان پسند جي شادي ڪئي آهي، ڪجهه ماڻهو اسان جي جان جا دشمن بڻجي ويا آهن، موتمار ڌمڪيون پيون ملن، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.