سکر (بيورو رپورٽ) سکر جي سينيئر وڪيل نظام الدين بلوچ جو نالو نيب ريفرنس ۾ شامل ڪرڻ واري عمل خلاف وڪيل برادري پاران اعلانيل احتجاج جو سڏ واپس وٺي ڇڏيو، ان ڏس ۾ سينيئر وڪيل قربان ملاڻو موجب سينيئر وڪيل نظام الدين بلوچ جو نالو نيب ريفرنس ۾ شامل واري مامري جو نيب چيئرمين ۽ نيب پراسيڪيوٽر جنرل نوٽيس ورتو. نيب اختيارين سينيئر وڪيل جو نالو ريفرنس ۾ شامل ڪرڻ واري مامري تي نظرثاني ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي، تنهن ڪري فلحال وڪيل برادري جي رٿيل نيب گردي خلاف احتجاج وارو سڏ واپس ورتو ويو آهي، واضع رهي ته نيب سکر پاران پ پ اڳواڻ ايم اين اي سيد خورشيد شاهه واري ريفرنس ۾ وڪيل نظام الدين بلوچ جو نالو شامل ڪرڻ خلاف وڪيلن سکر هاءِ ڪورٽ بار کان نيب هيڊ ڪوارٽر، احتساب عدالت ۽ آخر ۾ احتساب عدالت کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو هو.