لاڙڪاڻي ۾ به پنجين سنڌ ڪاليجز گيمز جو افتتاح، ٽگ آف وار جا مقابلا

0
306

لاڙڪاڻو( رپورٽر) پنجين سنڌ ڪاليج گيمز 2023ع جي افتتاح ڪيو ويو. سنڌ ڪاليج گيمز ۾ لاڙڪاڻي ريجن جي لاڙڪاڻي، قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعن سان واسطو رکندڙ 19 تعليمي ادارن جون ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن

May be an image of 16 people, people standing and outdoors

جن وچ ۾ ايٿليٽڪس، ڪرڪيٽ، بيڊمنٽن، ٽيبل ٽينس، ٽينس، باسڪيٽ بال، والي بال، فٽبال، هاڪي، ٿرو بال، ٽگ آف وار جا مقابلا ڪرايا ويندا. افتتاح بعد شاگردن وچ ۾ ٽگ آف وار جا مقابلا ٿيا جنهن ۾ گورنمينٽ ڪاليج ڪنڌڪوٽ جي ٽيم گورنمينٽ ڪاليج ڳڙهي حسن جي ٽيم کي 2.0 تان شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي

ٻئي رائونڊ ميچن جي پري ڪوارٽر ۽ ڪوارٽر فائنل مقابلن کان پوءِ گورنمينٽ ڪاليج مدئجي، گورنمينٽ ڪاليج ڪشمور، گورنمينٽ ڪاليج ميروخان ۽ گورنمينٽ ڪاليج نصيرآباد سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو