لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ عبدالجبار ميرجت ۾ راشن ورهائڻ دوران بدنظمي پيدا ٿي وئي،ڳوٺاڻن عملدارن ۽ ملازمن کي مارڪٽ ڪئي، جتي مبينا طور سروٽو لڳڻ سبب بدلي ٿيل اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو زخمي ٿي پيو، جنهن کي پوليس اسپتال پهچايو،جتي کيس طبي امداد ڏني وئي.پوليس ڪجهه ڳوٺاڻن کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي بدلي ٿيل اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو زخمي ٿيڻ واري معاملي جي ترديد ڪندي چيو آهي ته واقعي راشن ورهائڻ دوران بدنظمي ٿي ۽ جهيڙو به ٿيو پر مون کي ڪي به ڌڪ نه لڳا آهن.رشيد وڳڻ پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته حراست ۾ ورتل ڪجهه شڪي ماڻهن کي موقعي تي ڇڏي ڏنو آهي، پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته جيڪڏهن اسسٽنٽ ڪمشنر يا مختيار ڪار ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ پهتا ته ڪيس داخل ڪري جاچ جو دائرو وڌايو ويندو.ھوڏانھن اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته نئين مقرر ٿيل اسسٽنٽ ڪمشنر شاهده پروين ڄامڙو کي چارج نه ڏني آهي هن چيو ته آرمي جا جوان راشن تقسيم ڪري رهيا جنهن سبب بد نظمي پئدا ٿي هئي.ٻئي طرف مختيار ڪار نياز سيال جو چوڻ هو ته احمد علي سومرو سان گڏ راشن ورهائڻ لاءِ پهتاسين ته ڳوٺاڻن راشن دوران بدنظمي پيدا ٿي، جنهن سبب اسسٽنٽ ڪمشنر احمد علي سومرو کي آڱرين ۾ گاڏي جو ڌڪ لڳو هن پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته نئين مقرر ٿيل اسسٽنٽ ڪمشنر شاهده پروين کي چارج ڏئي ڇڏي آهي.