سڪرنڊ (ن پ ا) سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ صاحب خان لنڊ ۾ عدالتي حڪم تي زمين جو قبضو خالي ڪرائڻ لاءِ مختلف ٿاڻن جي پوليس ليڊيز اھلڪارن سميت پهتي ته ڳوٺاڻن ۽  پوليس ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنهن دوران پوليس ڳوٺاڻن تي لٺبازي ڪري ڏني، جڏهن ته مڇريل ماڻهن پوليس تي پٿراءُ پڻ ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مھراڻ لنڊ زخمي ٿي پيو، پوليس ھڪ ڳوٺاڻي منظور لنڊ کي گرفتار ڪري ورتو، ڳوٺاڻن حاجن لنڊ، مراد علي، اڪرم علي، غلام سرور، راڻي، عظيمان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ  ڪري ڇڏي، هنن چيو ته اسان زمين 1974 ۾ زاھد حسين کان خريد ڪئي، جنهن جو  سيشن ڪورٽ ۽ ھاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس ھلي رھيو آهي، هنن چيو ته بااثرن جي چوڻ تي پوليس ۽ روينيو کاتي جي عملدارن ڪاهه ڪري زمين تي ٺهيل گھر ڊاھڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ عورتن ۽ ٻارڙن تي ٽسدد ڪيو، هنن چيو ته اسان کي سوين سال ٿي ويا آهن، پوليس هروڀرو تنگ پئي ڪري، ان موقعي تي اي ايس آءِ علي بخش مگسي ٻڌايو ته نواب شاهه عدالت جي حڪم تي زاهد حسين جي حاجن ۽ منظور لنڊ جي قبضي ڪيل 3 ايڪڙ زمين خالي ڪرائڻ وياسين ته  ڳوٺاڻن مزاحمت ڪئي.