لاڙڪاڻي بورڊ جي چيئرمين تي هراسمينٽ الزام ثابت، عهدي تان هٽايو ويو

0
108
لاڙڪاڻي بورڊ جي چيئرمين تي هراسمينٽ الزام ثابت، عهدي تان هٽايو ويو
لاڙڪاڻي بورڊ جي چيئرمين تي هراسمينٽ الزام ثابت، عهدي تان هٽايو ويو

ڪراچي: لاڙڪاڻي تعليمي بورڊ جي چيئرمين نسيم الدين ميمڻ تي هراسمينٽ جا الزام ثابت ٿيڻ بعد وڏي وزير کيس عهدي تان هٽائي ڇڏيو

عورتن جي صوبائي محتسب پاران عورت کي هراسان ڪرڻ وارو الزام ثابت ٿيڻ بعد لاڙڪاڻي تعليمي بورڊ جي چيئرمين کي ٽرمينيٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو

صوبائي محستب جي فيصلي کانپوءِ سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر ) مقبول باقر پاران محتسب جي فيصلي تي عمل ڪرايو ويو آهي

سنڌ جي نگران وڏي وزير جي هدايتن بعد لاڙڪاڻي تعليمي بورڊ جي چيئرمين کي عهدي تان هٽايو ويو

نگران وڏي وزير جي هدايتن بعد نسيم الدين ميمڻ کي هٽائڻ بابت نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي

حيدرآباد پبلڪ اسڪول جي ماسترياڻي شگفته شاھ عورتن جي صوبائي محتسب ۾ نسيم ميمڻ خلاف هراسمينٽ جي شڪايت جمع ڪرائي هئي