لاڙڪاڻو پوليس گرفتار ڪيل ٻن ڀائرن کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو

0
44
گهوٽڪي جي ڪچي ۾ پوليس چوڪيءَ تي ڌاڙيلن جو ٻيهر راڪيٽن سان حملو
گهوٽڪي جي ڪچي ۾ پوليس چوڪيءَ تي ڌاڙيلن جو ٻيهر راڪيٽن سان حملو

لاڙڪاڻو پوليس گرفتار ڪيل ٻن ڀائرن کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو، الڳ الڳ هنڌن تي مقابلن ۾ 2  ڏوهاري ڀائر زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي

پوليس موجب آريجا ٿاڻي جي حد ۾ ڏوهارين سان مقابلو ٿيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڏوهاري  احسان مير جت کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو

پوليس جو چوڻ هو ته جوابدار ڪيترن ئي سنگين ڪيسن ۾ نامزد آهي، مقابلي دوران جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو

جڏهن ته ڳوٺ سڄڻ سانگي ويجهو مقابلي دوران ڏوهاري آزاد ميرجت کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي

 ذريعن موجب پوليس هٿان هاف فراءِ ٿيل ٻئي نوجوان سڳا ڀائر ڳوٺ ميان خان ککراڻي جا رهواسي آهن، پوليس کين گرفتار ڪري گم ڪيو هو