لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو پوليس ڏوهارين خلاف ڪاروائيون ڪندي اشتهاري، روپوش ۽ گهربل 11 جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار، موبائيل فون، روڪ رقم، سولر پليٽون ۽ بئٽري هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. گرفتار ڪيل ڏوهارين ۾ لطيف جويو، منٺار جويو، نور احمد ابڙو، عابد سولنگي، سرور شيخ، سعيد ميمڻ، يوسف مگسي، گل محمد هليو، تعمير هليو ۽ سعيد جمال شامل آهن.