لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) وارهه ڀرسان ڳوٺ مراد ڀٽي ۾ 35 ورهين جو پورهيت عبدالجبار پٽ صوفن ملاح بهه جي کوڙي ۾ ڪم ڪرڻ دوران بجلي جي 11 هزار تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب سڙي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي وارث چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ کڻائي آيا، جتي کيس طبي امداد ڏني وئي.