سکر (بيورو رپورٽ) لاهور واقعي خلاف اتحاد اهلسنت طرفان تراويح نماز کانپوءِ سکر پريس ڪلب آڏو روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران وفاقي حڪومت ۽ فرانس خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي، ان موقعي تي مظاهرين مطالبو ڪيو ته فرانس جي سفير کي ملڪ مان نيڪالي ڏئي سعد رضوي جي ڀاءُ جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن، ٻي طرف مظاهرين کان اڳ سکر انتظاميا پريس ڪلب آڏو سيڪيورٽي انتهائي سخت ڪندي واٽر ڪين، بختربند گاڏيون ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس سان ليس پوليس اهلڪار بيهاري ڇڏيا هئا، پوليس احتجاج لاءِ پهچندڙ 15 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪري کڻي وئي، هوڏانهن پوليس پاران گرفتار ڪيل 15 ڄڻن کي آزاد ڪرڻ جي پڻ خاطري ڪرائي وئي آهي.