اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جو اجلاس ٻن ڏينهن جي وقفي بعد اڄ سومر ڏينهن ٻيهر ٿيندو اڄ منجهند 2 وڳي ٿيندڙ اجلاس لاءِ 12 نقاطي ايجنڊا جاري ڪئي وئي آھي جنهن ۾ نئين مقرر ٿيل ناڻي وزير شوڪت ترين پاران حڪومتي نگراني ۾ هلندڙ سرڪاري ادارن جي انتظامي ۽ مالي مامرن جي بهتري لاءِ بل پيش ڪرڻ جو مامرو به شامل آھي جڏهن ته اسپيڪر اسد قيصر جي هدايت تي گهرو مامرن جي وزير شيخ رشيد پاران قومي اسيمبلي ۾ تحريڪ ليبڪ تي پابندي لاڳو ڪرڻ ۽ ان بعد پيدا ٿيل صورتحال بابت پاليسي بيان ڏيڻ جو به امڪان آھي ڇو ته اسپيڪر پاران جمعي ڏينهن ٿيل اجلاس ۾ مخالف ڌر جي مطالبي تي گهرو وزير کي اڄ سومر ڏينهن اسيمبلي اچي پاليسي بيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي هئي، مخالف ڌر پاران اسپيڪر اسد قيصر کي تڪراري قرار ڏئي ان جي سربراهي ۾ ٿيندڙ اجلاسن ۾ شرڪت نه ڪرڻ جي فيصلي بعد پهريون ڀيرو اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ بزنس ايڊوائيزي ڪاميٽي جو اجلاس طلب ڪيو ويو آھي جنهن ۾ قومي اسيمبلي جي اجلاسن جي ڪاروائي بابت مشاورت ڪئي ويندي.