وزيراعظم عمران خان صدر کي اسيمبليون ٽوڙڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي

0
243
ڪٺ پلتين کي قوم

سلام آباد (بيورو)  وزيراعظم عمران خان قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته منهنجي خلاف بي اعتمادي رٿ عالمي سازش هئي ۽ ملڪي آئين جي خلاف هئي جنهن کي اسپيڪر رد ڪري ڇڏيو آهي

قوم کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مان صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي اسيمبليون ٽوڙڻ جي تجويز ڏني آهي، قوم کي چوان ٿو ته چونڊن جي تياري ڪري

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته توهان کي گهٻرائڻو ناهي، قوم کي فيصلو ڪرڻو آهي ته اڳتي ڇا ڪرڻو آهي، صدر کي قومي اسيمبليون ٽوڙڻ جي تجويز ڏني آهي

مخالف ڌر پاران قومي اسيمبلي جي اسپيڪر خلاف به بي اعتمادي جي رٿ جمع

 گڏيل مخالف ڌر پاران قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر خلاف به بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر خلاف بي اعتمادي واري رٿ تي 100 کان وڌيڪ ميمبرن جون صحيحون ٿيل آهنمخالف ڌر پاران قومي اسيمبليقومي اسيمبلي جي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي واري رٿ اياز صادق، خورشيد شاهه، نويد قمر ۽ شاهده اختر علي جمع ڪرائي آهي، ضابطن موجب اسپيڪر قومي اسيمبلي جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي نٿو ڪري سگهي

ياد رهي ته مخالف ڌر طرفان وزيراعظم عمران خان خلاف جمع ڪرايل بي اعتمادي واري رٿ تي اڄ ووٽنگ ٿيندي، ان حوالي سان قومي اسيمبلي جو اجلاس 11 وڳي طلب ڪيو ويو آهي

بي اعتمادي رٿ رد، اپوزيشن جو ايوان ۾ احتجاج

 قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر پاران بي اعتمادي واري رٿ رد ڪرڻ تي مخالف ڌر پاران قومي اسيمبلي ۾ احتجاج ڪيو ويو آهي

قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري بي اعتمادي رٿ رولنگ تحت رد ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر پاران گوڙ ڪيو ويو ۽ اسپيڪر جي ڊائرس آڏو وڃي نعريبازي ڪئي، جنهن بعد ايوان مان نڪري هليا ويا

قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري بي اعتمادي رٿ کي عالمي سازش قرار ڏئي گڏيل اپوزيشن جي رٿ کي سختيءَ سان رد ڪندي اسميمبلي جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو

ھي به پڙھندا

ڊپٽي اسپيڪر وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ رد ڪري ڇڏي