ڊپٽي اسپيڪر وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ رد ڪري ڇڏي

0
282

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اهم اجلاس ۾ جتي حڪومتي ۽ مخالف ڌر جا ميمبر وزير اعظم عمران خلاف بي اعتمادي واري رٿ تي ووٽنگ ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ هائوس پهتا، اتي اهم موڙ ان وقت سامهون آيو جڏهن قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر ٺهراءُ کي رد ڪري ڇڏيو

قومي اسيمبلي جي اڄوڪي اجلاس جو 6 نقاطي ايجنڊا جاري ڪيو ويو هو، اجلاس جي شروع ۾ ئي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته هي رٿ وزيراعظم عمران خان جي خلاف عالمي سازش آهي، پاڪستان جي هر شهري ملڪ جو وفادار آهياسٽيبلشمينٽ ٽي آفرز ڏنيونفواد چوڌري چيو ته ملڪ ۽ آئين جي خلاف سازش واري رٿ کي رد ڪيو وڃي، جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري چيو ته هي بي اعتمادي رٿ آئين جي خلاف آهي، هي بي اعتمادي رٿ کي رد ڪيو وڃي ٿو

ھي به پڙھندا

عمران خان وزيراعظم رهندو يا نه؟ فيصلو اڄ ٿيندو، حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبرز پارليامينٽ هائوس پهچي ويا