عمران خان وزيراعظم رهندو يا نه؟ فيصلو اڄ ٿيندو، حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبرز پارليامينٽ هائوس پهچي ويا

0
234
عمران خان جي

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) وزيراعظم عمران خان خلاف اپوزيشن پاران جمع ڪرايل بي اعتمادي واري رٿ تي ووٽنگ اڄ ٿيندي، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويندو ته ڇا عمران خان وزيراعظم جي عهدي تي رهندو يا برطرف ٿي ويندو

قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ صبح ساڍي 11 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو جنهن لاءِ ميمبر پيدل پارليامينٽ لاجز پهچڻ شروع ٿي ويا آهن، آصف زرداري، شهباز شريف ۽ بلاو ڀٽو زرداري به پارليامينٽ هائوس پهچي ويا آهن

قومي اسيمبلي جي اجلاس جي ايجنڊا موجب وزيراعظم عمران خان خلاف اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي طرفان بي اعتمادي رٿ پيش ڪئي وئي هئي جنهن تي ووٽنگ ٿيندي

وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي واري رٿ تي ووٽنگ ايجنڊا ۾ شامل آهي، هن قرارداد ۾ چيو ويو ته ايوان وزيراعظم عمران خان تي بي اعتماد ڪري ٿو، عمران خان ايوان جو اعتماد وڃائي چڪو آهي ان ڪري وزيراعظم جي عهدي تي نٿو رهي سگهي

وزيراعظم عمران خان پاران بي اعتمادي واري رٿ تي ووٽنگ بابت حڪمت عملي تبديل ڪرڻ تي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جا ميمبرز به شرڪت ڪندا

ھي به پڙھندا

وزيراعظم عوام ڏانهن ويندو ته گرفتار ٿي سگهي ٿو: شيخ رشيد