عمران خان وزيراعظم رهندو يا نه؟ فيصلو اڄ ٿيندو، قومي اسيمبلي جو اجلاس جاري

0
156
سرڪاري ملازمن جي پگهار ڪيتري وڌندي: وفاقي سرڪار اڄ نئين مالي سال جي بجيٽ پيش ڪندي
سرڪاري ملازمن جي پگهار ڪيتري وڌندي: وفاقي سرڪار اڄ نئين مالي سال جي بجيٽ پيش ڪندي

ڪراچي (م ڊ) وزيراعظم عمران خان خلاف اپوزيشن پاران جمع ڪرايل بي اعتمادي واري رٿ تي ووٽنگ اڄ ٿيندي، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويندو ته ڇا عمران خان وزيراعظم جي عهدي تي رهندو يا برطرف ٿي ويندو

ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس هلي رهيو آهي، جنهن ۾ وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ ڪئي ويندي، حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبرز ايوان ۾ موجود آهن

اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ميمبرز پارليامينٽ ۾موجود آهن ۽  آمد جو به سلسلو جاري آهي، ق ليگ اڳواڻ طارق بشير چيما ۽ چوڌري سالڪ حسين مخالف ڌر جي بينچن تي وڃي ويهي رهيا

اپوزيشن پارٽين چيو آهي ته هو ضمني چونڊن ۾ حصو نه وٺندا، پر 176 پارليامينٽ ميمبرن کي ٻاهر ڪڍيو ويو آهي

مريم اورنگزيب جي دعويٰ آهي ته هن وقت پارليامينٽ ۾ اسان جا 176 ميمبرز آهن، پر اصل ڳالهه ووٽ جي آهي، سمورا ميمبرز اپوزيشن کي ووٽ ڏيندا به يا نه ڪجهه دير ۾ خبر پئجي ويندي

ھي به پڙھندا

عمران خان وزيراعظم رهندو يا نه؟ فيصلو اڄ ٿيندو، حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبرز پارليامينٽ هائوس پهچي ويا