بي اعتمادي رٿ رد، اپوزيشن جو ايوان ۾ احتجاج

0
198
بي اعتمادي رٿ رد،

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر پاران بي اعتمادي واري رٿ رد ڪرڻ تي مخالف ڌر پاران قومي اسيمبلي ۾ احتجاج ڪيو ويو آهي

قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري بي اعتمادي رٿ رولنگ تحت رد ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر پاران گوڙ ڪيو ويو ۽ اسپيڪر جي ڊائرس آڏو وڃي نعريبازي ڪئي، جنهن بعد ايوان مان نڪري هليا ويا

قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري بي اعتمادي رٿ کي عالمي سازش قرار ڏئي گڏيل اپوزيشن جي رٿ کي سختيءَ سان رد ڪندي اسميمبلي جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو

ھي به پڙھندا

ڊپٽي اسپيڪر وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ رد ڪري ڇڏي