قومي اسيمبلي جو اجلاس اپوزيشن جي احتجاج سبب ملتوي

0
371

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع جي ڪجهه دير کانپوءِ ملتوي ڪيو ويو ۽ فرانسيسي سفير جي ملڪ بدر واري معاملي تي بحث نه ٿي سگهيو، ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اڄ فرانسيسي سفير جي ملڪ بدر واري معاملي تي بحث ٿيڻو هو پر هنگامي سبب بحث نه ٿي سگهيو، اجلاس جي شروعات ۾ مخالف ڌر جي ميمبرن سيٽن تان اٿي بيهي رهيا ۽ احتجاج شروع ڪري ڇڏيو، ن ليگ، پ پ، جي يو آءِ ف جي ميمبر اسپيڪر جي ڊائس آڏو احتجاج ڪيو، اپوزيشن ميمبرن لبيڪ يارسول الله ۽ تاجدار ختم نبوت جا نعرا به لڳايا، اپوزيشن مطالبو ڪيو ته پهريون فرانس ۾ شايع ٿيل گستاخ خاڪن بابت ٺهراءَ تي ڳالهائڻ جي اجازت ڏني وڃي، ڊپٽي اسپيڪر اجلاس اڻڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.