سنڌ ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ، چار هزار مريضن تي هڪڙو ڊاڪٽر مقرر هجڻ جو انڪشاف

0
641

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ، چار هزار مريضن تي هڪڙو ڊاڪٽر مقرر هجڻ جو انڪشاف سامهون آيو آهي. صحت کاتي جي سيڪريٽري ميڊيڪل يونيورسٽين جي سيٽن ۾ 10 سيڪڙو واڌ لاءِ وفاقي حڪومت کي خط لکي ڇڏيو. خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ ۾ 2450 ايم بي بي ايس ۽ 500 بي ڊي ايس جون جايون آهن، جن ۾ 10 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي، صحت کاتي جي سيڪريٽري وزيراعظم جي سينيئر صلاحڪار ۽ هيڪ جي چيئرمين کي خط لکندي چيو آهي ته ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي سفارش تحت هڪ هزار مريضن تي هڪ ڊاڪٽر هجڻ گهرجي پر سنڌ ۾ چار هزار مريضن تي هڪ ڊاڪٽر آهي، سنڌ ۾ 2006ع ۾ ٽي ڪروڙ 80 لک آبادي هئي جيڪا هن وقت چار ڪروڙ 78 لک کان وڌيڪ آهي، ڪراچي ۾ به آبادي وڌي پئي ۽ 2030ع تائين ڪراچي دنيا جي آبادي جي لحاظ کان وڏن شهرن ۾ ستين نمبر تي اچي ويندو، ان ڪري سنڌ جي ميڊيڪل يونيورسٽين جي سيٽن ۾ 10سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي.