شهبازشريف جا ضمانتي مچلڪا جمع، ڪجهه دير ۾ آزاد ٿيندو

0
288

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ شهباز شريف جا روبڪار جاري ڪيا ويا، جيل اختيارين کي روبڪار ملندي آزادي عمل ۾ ايندي، لاهور جي احتساب عدالت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ قيد ن ليگ صدر شهباز شريف جا ضمانتي مچلڪا منظور ڪري ڇڏيا، جيل اختيارين کي روبڪار ملندي ئي شهباز شريف جي آزادي عمل ۾ آيندي، شهباز شريف جا 50/50 لک رپين جا ضمانتي مچلڪا سيف الملوڪ کوکر ۽ محمد نواز جمع ڪرايا، ان کان اڳ ضمانتي مچلڪا مڪمل نه هجڻ سبب دير ٿي، ضمانتي مچلڪن ۾ داخل شاهد عدالت نه پهتو، جڏهن ته وڪيل جي ڪلرڪ ساهد جو نالو تبديل ڪرڻ لاءِ وقت گهريو، مچلڪن جو شاهد شعيب مرزا جي نه پهچڻ تي شاهد تبديل ڪيو ويو، گذريل ڏينهن لاهور هاءِ ڪورٽ جي فل بئنچ شهباز شريف جي ضمانت منظور ڪئي هئي.