قاضي احمد ويجھو فائرنگ، نوجوان مارجي ويو

0
273

قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد ويجهو اڻڄاتل ھٿيار بندن گوليون هڻي 30 ورهين جي مزار لاکو کي قتل ڪري ڇڏيو، ناصري پوليس ٿاڻي جي حد ۾ واقع ڳوٺ پير نظر محمد شاهه ۾ هٿياربندن مزار لاکو تي فائرنگ ڪئي، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نواب شاھ اسپتال پهچايو ويو جتي هن دم ڏئي ڇڏيو آهي، ڊاڪٽرن موجب نوجوان کي ويجهي کان 3 گوليون لڳيون، ٻئي طرف ناصري پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو اطلاع ملڻ شرط جاچ شروع ڪئي وئي آھي.