قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد کان نواب شاهه ڏانهن ويندڙ لنڪ روڊ تي چنيسر اسٽاپ وٽ تيز رفتار ڪار اوچتو ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪار سوار قاضي احمد واسي دودو خان زرداري شديد خمي ٿي پيو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ مقامي پوليس پي ايم يو اسپتال نوابشاهه پهچايو، جتي هو زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو، فوتي جو لاش اباڻي ڳوٺ طوطي زرداري پهتو ته ھر طرف روڄ راڙو مچي ويو، سندس مڙهه جنازي نماز بعد مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.